سلمان فيصل نيها کي طلاق ڏيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

52 Views

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار سلمان فيصل پنهنجي زال اداڪارا نيها کي طلاق ڏيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سوشل ميڊيا تي اداڪار سلمان فيصل ۽ اداڪارا نيها وچ ۾ عليحدگي ٿيڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون هيون ان حوالي سان اداڪار سلمان فيصل انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪري طلاق بابت وضاحت ڪئي. هن چيو ته اسان وچ ۾ ڪو به اختلاف ناهي اهڙين خبرن کان پاسو ڪيو وڃي:سلمان فيصل چيو ته آئون ۽ نيها گڏ آهيون ۽ مون کيس طلاق نه ڏني آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *