نيپرا بجلي جي اگهن ۾ ايڪيهه پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

63 Views

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي 21 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صارفين کي ايندڙ مهيني جي بلن ۾ رليف ملندو.

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان پنهنجو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو. اهو رليف لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي نه هوندو. ان حوالي سان نيپرا جي سنڌ جي ميمبر رفيق شيخ چيو آهي ته سي پي پي اي جو اين ٽي ڊي سي سان بجلي جو ڪوبه معاهدو نه آهي. جڏهن ته سي پي پي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته اين ٽي ڊي سي جو بجلي ڪمپني سان بجلي جي ورهاست جو معاهدو آهي. نيپرا جي سنڌ جي ميمبر چيو آهي ته جيڪڏهن اين پي سي سي ڪنهن شيءَ جي ذميواري کڻي ٿو ته ٽيرف پينشن ڇو کڻي ايندو آهي.

رفيق شيخ چيو ته اهو معاملو اڍائي سالن کان هلي رهيو آهي ادارو هڪ ٻئي مٿان ذميواري وجهي رهيو آهي. هاڻ اها ڳالهه ظاهر ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميواري آهي. ياد رهي ته نيپرا ان کان اڳ 12 جولائي 2021 تي به بجلي 26 پئسا سستي ڪئي هئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *