اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم وزيراعظم جو سنڌ جي معاملن بابت خاص صلاحڪارمقرر

56 Views

 سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي وزيراعظم جو سنڌ جي معاملن بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي سنڌ جي معاملن بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو روايتي مخالف سمجهيو ويندو آهي هو 2004 کان 2007 تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهي. 2018 جي عام چونڊن ۾ ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالف سياسي اتحاد جي ڊي اي جو به حصو هو.

ارباب رحيم هلندڙ مهيني ئي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. پارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان ارباب غلام رحيم وڊيو بيان ۾ چيو هو ته وزيراعظم عمران خان مون کي سنڌ ۾ تحريڪ انصاف کي منظم ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي. صوبي ۾ تمام جلد وڏيون خوشخبريون ٻڌڻ لاءِ ملنديون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *