چوھاڻ برادري جو پريس ڪلب ھالاڻي اڳيان محبت ديرو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

120 Views

ھالاڻي رپورٽ وقار خاصخيلي .چوھاڻ برادري جي ٽيھ کان مٿي ماڻھن پريس ڪلب ھالاڻي اڳيان محبت ديرو پوليس ء بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھري کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي چوھاڻ.مير محمد.منير احمد فاروق.حاجي وزير. حاجي اللہ بخش ء ٻين چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳي ھتان جي بااثر پنھجي ئي ملازم اسان جي نوجوان شاھجھان چوھاڻ کي گھران سڏرائي پنھجي بنگلي تي تشدد جو نشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو جنھن جو لاش اسان کي ضلع دادو ميھڙ ڀرسان مليو.ھنن احتجاج ڪندي چيو تہ ھن خون جو محبت ديرو ٿاڻي تي ستن ماڻھن جنھن م عبدالعفار خان ڏھراڄ.جان شير.اختيار سولنگي ڪمدار انور.انصار ڪلھوڙو ٻين نامعلومن تي ڪيس داخل ٿيل آھي پر پوليس ھن وقت تائین صرف ھڪڙي ماڻھون غفار خان کي گرفتار ڪيو آھي جڏھن تہ ٻيا ماڻھون سر عام گھمي رھيا آھن ء اسان کي مارڻ ء ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسان کي ھنن مان اڃان و وڌيڪ نقصان جو خطرو آھي ھنن وزير اعليٰ سنڌ آئي جي سنڌ.ڊي آئي جي ء ٻين اعليٰ اختيارين کان پر زور مطالبو ڪيو تہ جلد کان جلداسان جي نوجوان جا قاتل گرفتار کي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.