ڪراچي ۾ طوفاني برساتن سبب ندي نالن ۾ ٻڏي ويل ڏهن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا

358 Views

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن طوفاني برساتن دوران ندي ۽ نالن ۾ ٻڏي ويل 10 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان ڇوڪري حياتي وڃائي ويٺي.

رپورٽ موجب لياقت آباد پوسٽ آفيس ويجهو گذريل رات برسات دوران نالي ۾ ڪري ٻه ڄڻا ٻڏي ويا هئا جنهن مان هڪ شهري کي علائقي جي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت جدوجهد کان پو نيم بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ان سان گڏ ٻڏندڙ 30 ساله نامعلوم شخص جي لاش کي جمعي تي ٻنپهرن جو ريسڪيو عملي ڪڍي اسپتال پهچايو پر ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

ڪورنگي ڪراسنگ ندي مان 27 ساله نامعلوم نوجوان ۽ ماڙيپور جي علائقي هاڪس وي ويجهو فٽبال چوڪ ويجهو نالي مان ٻڏل ٻه ڏينهن پراڻي لاش ملي جنهن کي پوليس جناح  ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو. ٻنهي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. تيموريه جي علائقي نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايل جي ويجهو نالي مان ٻڏل 35 ساله نامعلوم شخص جي لاش ملي جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪلفٽن جي علائقي پنجاب چورنگي ويجهو انڊر باءِ پاس ۾ ٻڏي ويل 14 ساله ارشد ولد قدير جان فوت ٿي ويو. فرنٽيئر جي علائقي پولو گرائونڊ ويجهو ٻڏل 14 ساله خيرالله ولد خليل جي لاش ملي جنهن کي پوليس جناح اسپتال منتقل ڪيو.

مقتول هجرت ڪالوني جو رهواسي هو. ڊاڪٽر سيمي جمالي موجب مقتول جا وارث بنا ڪنهن ڪارروائي جي لاش کڻي ويا. گلشن اقبال جي علائقي مدينه بليسٽڪ جي ويجهو  پاڻي ۾ ٻڏل 2 لاش جناح اسپتال آندا ويا جن جي سڃاڻپ اڃان نه ٿي سگهي آهي. محمود آباد جي علائقي منظور ڪالوني جي نالي مان ٻڏل علائقي جي رهواسي نوجوان 21 ساله تيمور ولد يعقوب جي لاش ملي جنهن کي علائقي جي رهواسين جناح اسپتال منتقل ڪيو. گلستان جوهر جي علائقي مون گارڊن ويجهو نالي ۾ ڪري 20 ساله نامعلوم  نوجوان فوت ٿي ويو. جنهن جي لاش جناح اسپتال آندي وئي جتي فوري طور تي مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

ڪورنگي صنعتي ايريا جي علائقي قيوم آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان ڇوڪري فوت ٿي وئي جنهن جي لاش جناح اسپتال آندي وئي جتي مقتوله جي سڃاڻپ 18 ساله چندا ڌيءَ رمضان جي نالي سان ٿي. پوليس موجب مقتوله گهر ۾ پاڻي جي موٽر هلائي رهي هئي ته کيس ڪرنٽ لڳو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

هوڏانهن بلدياتي ۽ حڪومتي نمائندن جي ڌيان نه ڏيڻ سبب ڪراچي جي متاثر علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *