وڳڻ ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل واٽر سپلاءِ لائين تباھ ٿي وئي

100 Views

وڳڻ رپورٽر رياض حسين مغيري وڳڻ, ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان واٽر سپلاء لائين تباھ ٿي ويو رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان بڻيل آھن جڏھن ته واٽر سپلاء لائين بند هجڻ ڪري مشينري تي ڪٽ چڙھي وئي پائيپ زمين اندر ئي ڳري ڀري ويا آھن عملي جي رهائشي وارا ڪواٽر ڊھڻ واري صورت ۾ بيٺل آھن انتظاميه علائقي جي اهم مسئلي طرف نه ويچاريو آھي عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا آھن ڪيترائي ڳوٺ مٺي پاڻي جي ڍڪ لاء پريشان کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل ٻار ٻڍا ۽ عورتون ڪوهين ڏور پنڌ ڪري پاڻي آڻڻ لڳا آھن کارو پاڻي واپرائڻ سبب موذي مرضن منهن ڪڍيو آھي گيسٽرو پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون ڦھلجي ويون آھن مقامي اسپتالون مريضن سان سٿجي ويون آھن صورتحال سنگين بڻجي وئي آھي ڪنهن به وقت وڏي جاني نقصان جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو سياسي سماجي ڌرين طرفان علائقي ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار چونڍيل نمائندن کان ڌيان ڏئي مسئلو فوري طور حل ڪرائڻ جي گهر

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *