ايس ايس پي خيرپور پاران 15 مددگار پوليس سينٽر جو ٺري ميرواھ پوليس ٿاڻي تي افتتاح

108 Views

ٺري ميرواھ رپوٽ سجاد الله سومرو
ٺري ميرواھ 15 پوليس مددگار افتتاح
تفصيل مطابق
ايس ايس پي خيرپور 15 مددگار پوليس جو ٺري ميرواھ پوليس ٿاڻي تي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي
ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور 15 مددگار پوليس جو افتتاح ڪيو شھرين پاران 15 مددگار پوليس کي 2 موٽرسائيڪل تحفي طور ڏنيون تقريب ۾سياسي سماجي، شھري ۽ صحافين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقي ٺري ميرواھ جي شھرين جي محنت سان 15 مددگار پوليس جو افتتاح ڪيو 15 مددگار پوليس شھرين جي ايمرجنسي فون تي فوري واقعي واري هنڌ پهچندي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ چيو تہ پوليس اھلڪارن کي مان اولاد وانگر سمجھان ٿو اگر ڪنھن بہ پوليس اھلڪار ڪنھن غريب سان ناجائزي ڪندو ۽ ان جي شڪايت موصول ٿيندي تہ ڪنھن بہ قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ھن چيو اسان منشيات خلاف تقريبن ڪاروائيءَ شروع ڪري ڏني آھي اسان پنھنجي طرفان مڪمل ڪوشش ڪري رهيا آهيون تہ جيئن منشيات تي ڪنٽرول ڪري سگھون شھري بہ ميرواھ پوليس سان ڀرپور تعاون ڪن تہ جيئن ڏوھن تي ضابطو آڻي سگھون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *