ڪراچي ۾ 14 آگسٽ جي موقعي تي اھلسنت جماعت پاران سپر ھاء وي لڳ مدرسه انوار مدينه ۾ تقريب ڪوٺائي وئي

107 Views

سکر(يارمحمد سومرو) ملڪ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به يوم آزادي جوش جذبي سان ملهايو ويو يوم آزادي جي مک تقريب  ضلعي انتظاميه طرفان سرڪٽ هائوس سکر لڳ واڪنگ ٽريڪ ميدان ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ وڏي وزير جي سکر لاء خاص معاون بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ۔ ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق مهيسر۔ڊي آء جي سکر فداحسين مستوئي۔ڊپٽي ڪمشنر سکر جاويد احمد۔ايڊمنسٽريٽر سکر ميونسپل ڪارپوريشن علي رضا انصاري سميت استادن۔ اسڪولي شاگردن۔شاگردياڻن۔چرچ جي پادري ۔صحافين ۔سول سوسائٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي واڪنگ ٽريڪ تي ملڪ جو ٻيو وڏو 300 فوٽ وڏو۔84 فوٽ ڊگهو ۽ 56 فوٽ ويڪرو پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي جڏهن ته اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻن قومي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد وصول ڪيو ۔پوليس جي بينڊ دستي پڻ خوبصورت انداز ۾ سلامي ڏني تقريب کي خطاب ڪندي بيئرسٽر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ هو ته آزادي الله پاڪ جي وڏي نعمت آھي جنهن جو قدر ڪرڻ گهرجي اڄوڪي ڏينهن تي دنيا کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته اسان هڪ زنده قوم آھيون زنده قومون آزادي جي ڏيهن کي جوش جذبي سان ملهائينديون آھن اچو ته اسان سڀ گڏجي عهد ڪيون ته ملڪ جي سلامتي لاء هر قرباني ڏينداسين تقريب کي ڪمشنر سکر ۽ٻين پڻ خطاب ڪيو ۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *