افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان تي ان جا اثرات

110 Views

افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان تي ان جا اثرات:

تحرير: انجنيئر ذوهيب جروار، ٽنڊوالهيار

افغانستان ۾ تازي پيدا ٿيل صورتحال تي لکڻ کان پهرين ماضي جو ٿورو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته ڪيئن 9 سيپٽمبر 2001 (جنهن کي دنيا نائن اليون جي نالي سان سڏي ٿي) ۾ آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل هڪ حملي کانپوء دنيا بدلجي وئي جڏهن آمريڪا جي ان وقت جي صدر جارج ڊبليو بش طرفان پنهنجي اتحادي نيٽو فوج سان گڏجي افغانستان تي بمباري ڪئي ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ القائده جو اڳواڻ اسامه بن لادن افغانستان ۾ موجود آهي ۽ ان حملي جي منصوبه بندي پڻ افغانستان مان ڪئي وئي، آمريڪا جنگ شروع ڪئي جنهن جي شروعات ۾ تمام گهڻي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ طالبان حڪومت ڪمزور ٿيندي وئي ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه هفتن ۾ ئي افغانستان جي اترين اتحادين جي فوج جيڪا ان وقت آمريڪا سان مليل هئي شهرن ڏانهن چڙهائي ڪئي ۽ آخرڪار آمريڪي فوج افغانستان جي سرزمين تي لهي طالبان حڪومت جو تختو اونڌو ڪري عبوري سيٽ اپ ٺاهيو جنهن ۾ حامد ڪرزئي کي عبوري سيٽ اپ جو سربراه ۽ بعد ۾ اليڪشن ڪرائي صدر چونڊرايو ويو، طالبان جي ان شڪست کانپوءِ طالبانن گوريلا ويڙه جو اعلان ڪيو ۽ پهاڙن ۾ هليا ويا. آمريڪا ويهن سالن تائين طالبانن سان وڙهندو رهيو ان دوران هنن اربين ڊالر خرچ ڪري افغان نيشنل آرمي جي نالي سان فورس پڻ تيار ڪئي. آمريڪا جي افغانستان جنگ دوران پاڪستان کان مدد گهري وئي جنهن جي نتيجي ۾ ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو پرويز مشرف پاڪستان جا هوائي اڏا آمريڪي فوجين جي حوالي ڪيا جنهن جي رد عمل ۾ طالبان پاڪستان جا دشمن ٿي پيا ۽ هڪ اندازي موجب ستر هزار کان وڌيڪ لاشون پاڪستان کي به کڻنيون پيون. پاڪستان وڏي مشڪل سان مختلف آپريشنن ذريعي 2014 کانپوء وڃي ڪجهه سک جو ساهه کنيو.
هاڻي اچون ٿا موجوده حالتن تي جڏهن آمريڪا ويهه سالن تائين ورهڻ کانپوء ٿڪجي ويو يا ايئن چئجي ته هن جا مفاد پورا ٿي ويا ته هن پنهنجون فوجون واپس ڪڍڻ چاهيون ته ان لاء هن کي پاڪستان جي مدد جي ضرورت پئي، پاڪستان جي ڪوششن سان طالبان ڳالهين جي ميز تي آيا ۽ دوحه ۾ مذاڪرات ٿيا جيڪي ڪامياب ويا ۽ هڪ ڊيل تحت سيپٽمبر 2021 تائين آمريڪا پنهنجون فوجون افغانستان مان ڪڍڻ لاء راضي ٿي ويو، آمريڪين ۽ افغانين جو اصل امتحان ته هاڻي شروع ٿيو ته جيڪڏهن آمريڪي فوج نڪري ٿي ته پٺيان ڪٿي طالبان وري قبضو نه ڪري وٺن ڇاڪاڻ ته دوحه ۾ ٿيل ڊيل ۾ طالبان جي شرط هئي ته اسين افغانستان جي حڪومت سان ڪا ڊيل نه ڪنداسين هي ڊيل صرف آمريڪا طالبان وچ ۾ ٿي ان ڪري جيئن ئي آمريڪا نڪرڻ جو اعلان ڪيو ته طالبانن مختلف ضلعن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ مختلف صوبن جا گادي وارا شهر سنڀالڻ کانپوء نيٺ اچي ڪابل ۾ صدارتي محل تي قبضو ڪيو، افغان صدر اشرف غني آخر تائين پنهنجو اقتدار بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر جڏهن سڀ ڪوششون ناڪام ويون ته هن ملڪ مان فرار ٿيڻ جو آپشن بهتر سمجهندي ملڪ مان نڪري ويو جنهن جي باري ۾ اڃان تائين مختلف افواهون آهن ته هو ڪٿي آهي. هي ڪالم لکجڻ تائين طالبان مختلف ملڪن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن حڪومت سازي جي لاء جنهن ۾ ملڪ جي اندر موجود ٻين گروپن سان پڻ ڳالهيون هلي رهيون آهن افغانستان جي بهتر مستقبل جي لاء بهتر به اهو ئي ٿيندو ته طالبان کانسواء ٻين گروپن کي به حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ اڳتي هلي ڪنهن خانه جنگي کان بچي سگهي اهو به ممڪن آهي ته رهجي ويل گروپ جن کي اقتدار ۾ حصو نه مليو ته اهي وري ڀارت جهڙي ڪنهن ملڪ کان مدد وٺي ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ڇاڪاڻ ته طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوء ڀارت جي افغانستان ۾ ڪيل سالن جي سيڙپ ڪاري ٻڏي وئي آهي جنهن جو ڏک ڀارتي ميڊيا تي سندن آزادي واري ڏينهن تي ماتم کان گهٽ نه هو. ان لاء ضروري آهي ته سڀ ڌريون مطمئن هجن.

پاڪستان جو ڪردار:
هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان لاڳاپيل آهي هن وقت تائين ته پاڪستان پنهنجا پتا وڏي هوشياري سان کيڏي رهيو آهي جنهن ۾ سڀ کان پهريان جڏهن آمريڪا فوج ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ته پاڪستان کي پنهنجا هوائي اڏا ڏيڻ لاء زور ڀريو ته جيئن ضرورت پوڻ تي هتان کان افغانستان ۾ بمباري ڪري سگهجي جنهن جي پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان کتو جواب ڏيندي چيو ته اڳي به پرائي جنگ ۾ حصيدار ٿي ايڏو نقصان ڪيو هاڻي امن جي ته ڪوشش ڪري سگهون ٿا پر جنگ ۾ حصيدار نه ٿينداسين جيڪو تمام زبردست فيصلو ثابت ٿيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڪستان هوائي اڏا ڏئي به ڇڏي ها تڏهن به ٿيڻو اهو ئي هو پوء ڇو پنهنجا اڏا ڏئي طالبانن سان تعلقات خراب ڪيا وڃن جيڪي وري اڳتي هلي اسان جي لاء مسئلا پيدا ڪن ها. پاڪستاني ادارن اهو پهرين ڄاڻي ورتو هو ته جڏهن به آمريڪا افغانستان مان نڪتو ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ان ڪري ٻه ٽي سال اڳ ۾ ئي پاڪ افغان بارڊر تي فينسنگ جو ڪم شروع ڪرايو جيڪو هاڻي آخري مرحلن ۾ آهي ان ڪري ئي پاڪستان اڄ پاڻ کي وڏيڪ محفوظ سمجهي ٿو. ان سان گڏوگڏ ڪيترائي ماڻهو سوال اٿاري رهيا آهن ۽ خدشا ڏيکاري رهيا آهن ته هٿي وري به افغانين جي لوڌ پاڪستان ۾ ته نه ايندي خاص ڪري عالمي يتيم خانو سمجهيو ويندڙ سنڌ ۾ ته نه اچي ويندا ته انهن جي لاء اهو آهي ته انهن سوالن جا جواب وٺڻ لاء ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته افغاني پاڪستان ڏانهن ڇو ايندا؟ ان صورت ۾ افغاني پاڪستان ۾ اچي سگهن ٿا جيڪڏهن اتي خانه جنگي ٿي ٿئي جيڪو بظاهر نظر نٿو اچي شايد ويهن سالن جي جنگ وڙهڻ کانپوء هاڻي طالبان به ٿڪجي پيا آهن هو وڌيڪ جنگ نٿا چاهين جنهن جو مثال هنن سڄي افغانستان تي قبضي دوران ڪٿي به خونريزي نه ڪئي بلڪه ڳالهين ذريعي اڳتي وڌيا ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ کانپوء جيڪي اعلان ڪيا ويا آهن جن ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي نه ڪرڻ عورتن جي حقن بابت ۽ بيان آهن جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ دور جي طالبان جي حڪومت ماضي وانگر سخت نه هوندي ته پوء آخر ڇو ڪير پنهنجو ملڪ پنهجو گهر ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪندو، جيڪڏهن افغانستان مان لڏ پلاڻ ٿئي به ٿي ته پاڪستان ان جي باري ۾ اڳواٽ ئي چئي چڪو آهي ته اسين وڌيڪ مهاجرين جو بار نٿا برداشت ڪري سگهون ان ڪري هن ڀيري جيڪا ٿوري گهڻي لڏ پلاڻ ٿي به آهي ته اها به پاڪستان ڏانهن نه پر ٻين ملڪن طرف ٿي آهي. اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته آمريڪا سان وڙهندڙ طالبان اسان جي نقصان ۾ هئا يا افغانستان جي حاڪم جي طور تي ويٺل طالبان وڌيڪ نقصانڪار آهن ان جو جواب سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته اقتدار ۾ ويٺل طالبان ايترا خطرناڪ ناهن جيترا جنگ جي دوران هئا ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ ماڻهو پاڻ بچائڻ خاطر سڀ ڪجهه ڪندو آهي پاڙيسري ملڪن جون سرحدون به ٽپندو آهي اتان ويهي حملا به ڪندو آهي جنهن جي ڪري ان ملڪ جو امن به برباد ٿيدو آهي جڏهن ته اقتدار ۾ ويٺل ڌر ته هميشه اهو چاهيندي ته اسان جا پاڙيسرين سا تعلقات سٺا هجن ان ڪري اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال سان پاڪستان تي منفي اثر نه پوندا پر اهو شايد وقت کان اڳ هجي ڇاڪاڻ ته اڃان افغانستان ۾ حڪومت قائم ٿيڻ تائين ڪيترائي مرحلا آهن جيڪڏهن سڀ ڪجهه خوش اصلوبي سان طئي ٿي وڃي ٿو ته اهو افغانستان ۽ پاڪستان سميت هن سموري خطي لاء خوشخبري کان گهٽ نه هوندو جنهن جي لاء سٺي اميد رکي سگهجي ٿي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *