افغانستان ۾ اليڪشن جو وقت ناهي، پهرين جامع حڪومت جي ضرورت آهي: طالبان ترجمان

72 Views

ڪابل: افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته افغانستان ۾ اڃان اقتدار جو خلا موجود آهي ، ان ڪري ملڪ کي پهريان هڪ جامع حڪومت جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ شاهين چيو ته چين افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت کي فروغ ڏيڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

طالبان ترجمان افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ چين جي تعاون جي به آجيان ڪئي. سهيل شاهين چيو ته افغانستان ۾ افغانن تي مشتمل نئين جامع حڪومت لاءِ ڳالهيون جاري آهن، نئين جامع حڪومت جي فريم ورڪ ۾ سمورا افغان غور هيٺ آهن ۽ چونڊيل افغان شخصيتن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ اقتدار جو خال آهي ۽ اتي ڪنهن به قسم جي اليڪشن جو وقت ناهي جڏهن ملڪ ۾ ڪو آئين ناهي ان ڪري نئون آئين تيار ڪري منظور ڪيو ويندو، پهرين هڪ جامع حڪومت ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *