بخشاپور ۾ مڙس ڪارنھن جي الزام ھيٺ پنھنجي گھر واري کي قتل ڪري ڇڏيو

79 Views

بخشاپور 109 آرڊي ٿاڻي جي حد ۾ مڙس ڪارنھن جي الزام ھيٺ پنھنجي گھر واري کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو
بخشاپور ويجهو سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي واري علائقي ڳوٺ سيلاچي جکراڻي ۾ جوابدار مڙس گنجو خان جکراڻي مبينا ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ پنھنجي 25 ورهين جي گهرواري مسمات زرين خاتون کي بندوق جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو

جڏھن ته مقتولا عورت جي وارثن جو پوسٽ مارٽم لاء ليٽر نه ملڻ تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي انڊس هائي وي تي عورت جو لاش رکي ٽائرن کي باه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻو ھنيو روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون
ڌرڻي واري ھنڌ بخشاپور ٿاڻي جو ڊي ايس پي لعل بخش ڏيھر پھچي متاثرن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو

جڏھن ته وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته واقعي واري حد آرڊي 109 ٿاڻي جي آهي ايس ايڇ او جوابدارن کان پيسا وٺي اسان کي پوسٽ مارٽم لاء ليٽر ڪون پيو ڏي ۽ ڪيس به داخل نٿو ڪري (وارث)

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *