ڦل جي ڳوٺ امام بخش رند واسي علي گل چانڊيو ۽ علي اصغر چانڊيو جو بااثر جي ظلمن خلاف احتجاج

119 Views

نوشہروفیروز رپورٹر رانا ریاض الحسن
ڦل پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش رند جي رھواسي ڀائرن علي گل چانڊيو ۽ علي اصغر چانڊيو نيشنل پريس ڪلب مورو جي آفيس ۾ سخت احتجاج ڪندي صحافين کي دانھيندي ٻڌايو ته مان پنھنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاء مورو شھر ۾ رھان ٿو؛جتي منھنجي گھر وٽ سڌوجا پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ سردار خانزاده جا رھواسي بدنام ڏوھاري ۽ ڀتا خور دلاور عرف دلو چانڊيو دلدار چانڊيو سميت 7 ڄڻا ھٿيار بند آيا ۽ مون کان 5 لک ڀتو گھريو نه ڏيڻ جي صورت ۾ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي قتل ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ھليا ويا ۽ ڦل ڀرسان ديھ مينگھلو ۾ منھنجي زرعي زمين ۾ ڪاھيل ڪيلي جي باغ مان ڏھن ويسن تي بيٺل ڪيلن جا وڻ وڍي ڇڏيا آھن ۽ مون کي لکين روپين جو نقصان پھچايو آھي علي گل چانڊيو ڊي آء جي شھيد بينظير آباد؛ ايس ايس پي نوشھروفيروز ؛ ڊي ايس پي مورو؛ ڊي ايس پي نوشھرو فيروز؛ايس ايڇ او ڦل؛ايس ايڇ او سڌوجا ۽ ايس ايڇ او مورو کان مطالبو ڪيو آھي ته مون کان ڀتو گھرندڙ ۽مون کي ۽ منھنجي اولاد کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ منھنجي ڪيلي جي فصل کي نقصان پھچائيندڙ بدنام ڏوھارين خلاف ايف آء آر داخل ڪري مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آء انصاف لاء ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙ ڪائيندس

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *