ڦلجي لڳ ھڪ ڏينهن اڳ جوابدار وسيم پنهور جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي ويل عابد پنهور فوت

90 Views

ڦلجي اسٽيشن. ڦلجي جي ڳوٺ ليسوڙو پنهور ھڪ ڏينهن اڳ نوجوان وسيم پنهور پنهنجي عزيز عابد پنهور کي گهر اندر داخل ٿي پسٽل جا سڌا فائر ڪري زخمي ڪري وڌو زخمي نوجوان کي ڦلجي پوليس ليٽر ڏئي سول اسپتال دادو روانو ڪيو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۔ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کي اڄ ضروري ڪاروائي کان پوء دفنائيو متاثر خاندان چيو ت اسانجو نوجوان 25 سالا گهر ۾ ماني کائي رهيو هو ت وسيم پنهور پسٽل جا فائر ڪري عابد کي بيگناھ قتل ڪري ڇڏيو پوليس روائيتي سستي برقرار رکندي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو SHO اختر لاشاري چيو ايف آء آر نٿي ٿئي ملزم کي گرفتار نه ڪنداسين ۽ قاتل باآساني فرار ٿي ويو رپورٽر ديدار علي دستي نيوز 10 ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *