طالبان پاران اشرف غني حڪومت جي عهديدارن لاءِ معافي جو اعلان

58 Views

ڪابل: طالبان ااڳواڻ خليل الرحمان حقاني افغانين کي چيو آهي ته اهي ملڪ ڇڏي نه وڃن ۽ جيڪي اڳ ئي ڇڏي ويا آهن انهن کي واپس اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي سرڪاري چينلز پي ٽي وي ، اي پي پي ۽ ريڊيو پاڪستان جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان جي ايندڙ حڪومت سڀني سياسي پارٽين ۽ قبائلي گروهن ۽ نسلن جي نمائندگي ڪندي.
حقاني جي مطابق ، مختلف سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن سان ملاقاتون جاري آھن جيڪي طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري رھيا آھن.
هن جي مطابق هن اڳوني صدر حامد ڪرزئي ، چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ حزب اسلامي جي سربراهه گلبدين حڪمتيار ، گل آغا شيرازي ، مولانا شير محمد ۽ عمر زاخيلوال سان ملاقات ڪئي هئي.
اڳوڻي صدر اشرف غني ، سندس صلاحڪارن ۽ فوجي سربراهن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪندي هن چيو ته هن سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سڀني کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
حقاني چيو ته آمريڪا افغان عوام تي جنگ مسلط ڪئي هئي ان مقصد سان ته ڀائرن ۾ انتشار پيدا ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *