سکر: سوئي گئس ملازمن جو نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

101 Views

سکر(يارمحمد سومرو) سوئي سدرن گئس ڪمپني ايمپلائيز يونين پاران سوئي گئس ڪمپني مان ملازم ايڪٽ بل تحت ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ خلاف سکر  پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي سوئي سدرن گئس ڪمپني ايمپلائيز  يونين جي اڳواڻ علي حسن شيخ ، لالا سيف الرحمن ، سيد سجاد شاھ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جبري برطرف ٿيل ملازمن جي بحالي جي لاء  پي پي جي دور ۾ ھڪ بل پاس ڪري ملازمن کي بحال ڪيو ويو ھو ، پر افسوس سپريم ڪورٽ ملازم بل ايڪٽ تحت ختم ڪري ملڪ جي ھزارين بحال ٿيل ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري بي روز گار ڪيو ويو آھي ، جنھن سان ھزارين خاندان فاڪاڪشي جو شڪار ٿيا آھن ، ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ، ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته  فيصلي تي نظر ثاني ڪري  ملازمن کي بحال ڪيو وڃي۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *