پي ڊي ايم ٽٽڻ جو ذميوار بلاول قرار: مير جعفر ۽ مير صادق سبب نقصان پهتو: مولانا فضل الرحمان

65 Views

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم ٽٽڻ جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري کي قرار ڏيندي چيو ته جيڪا آڇ بلاول کي ٿي، اها اسان کي به ٿي هئي پر اسان قبول نه ڪئي.

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي صفن ۾ مير جعفر ۽ مير صادق هجڻ سبب پي ڊي ايم کي نقصان پهتو، بلاول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ويو، جيڪا پيشڪش بلاول کي ٿي اها اسان کي به ٿي پر اسان قبول نه ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته استعيفائن جو آپشن پي ڊي ايم جي پڌرنامي ۾ موجود هو، جيڪڏهن پ پ اسان جي ڳالهه مڃي ها ته هي حڪومت ڪڏهن جو ختم ٿي چڪي هجي ها ۽ چونڊون به ٿي چڪيون هجن ها.

هن چيو ته اسان کي گهڻي خبر آهي، گهڻو ڪجهه علم ۾ آهي، پر ڪو محاذ نٿا کولڻ چاهيون، محاذ کولڻ تي آياسين ته هڪ سئي به نه رهندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *