سنڌ پرستيءَ کي هيئن ڏسجي ته پوءِ!

79 Views

سنڌ پرستيءَ کي هيئن ڏسجي ته پوءِ!

موجوده وقت ۾ سنڌ پرستيءَ جا گهڻو ڪري ٻه ماڊل ڌيان ڇڪائيندڙ رهيا آھن.هڪ اهو ماڊل آھي،جيڪو عملي طور وطن ۽ قوم سان ڪمٽڊ آھي.جنهن جو هر ڪم وطن ۽ قوم بلڪه انسانيت لئه فائديمند آھي.جيئن ڪنهن دور ۾ ڪن ميرن، ڪن هندو سيٺين ۽ ٻين سخي مردن بنا ڪنهن لوڀ ۽ نمائش جي گهر جو خرچ ڪري، تعليمي ادارا ٺاهيا،جتان پڙھي نڪتل فردن سنڌ لئه وڏا وڏا ڪم ڪيا.ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ايڌي صاحب جهڙن سنڌي نه ڳالهائيندڙ ماڻھن پڻ سنڌ جي ماڻھن کي زبردست فائدو پهچايو! جيڪڏھن اسين دل تي هٿ رکي، ضمير اڳيان تورتڪ ڪنداسين ته سنڌ پرستيءَ جي ڪيترن ئي دعويدارن کان انهن جو ڪم،سنڌ جي مفاد ۾ مٿاهون بيٺل نظر ايندو! ساڳي ريت محمد خان جوڻيجي جهڙن فقير منش سياستڪارن ۽ سڄي ڪيريئر ديانتداري ۽ انصاف سان نوڪري ڪندڙ ڪن ڪامورن جو اُجرو ذاتي ڪردار پڻ سنڌ جي مفاد ۾ وڌيڪ اثرانگيز نظر ايندو! جن ڪيترن ئي غريبن سان حق رسايون ڪيون.ميرٽ موجب نوڪريون ڏيئي سنڌي ماڻھن جي خدمت ڪئي.نه پئسن سان ڊوميسائل وڪيا ۽ نه ئي رشوت سان چرس کي چاڪليٽ ٺاهيو! بس انهن وٽ سنڌ پرستي جي ڪا به دعوا ڪون هئي.اهوئي سبب آھي جو جڏھن اهڙا ماڻھو اڄ وانگر اڻلڀ نه ٿيا هئا تڏھن ارڙھين ترميم وارو ناڻُو نه هوندي به سنڌ ۽ عام سنڌي ماڻھو ايئن بدحال بڻيل ڪون هئا،جيئن اڄڪلھ آھن!
سنڌ پرستيءَ جو ٻيو ماڊل ثقافت ٻولي تاريخ ۽ جمالياتي قدرن ۾ موجود وطن جي خوشبوءُ سان پيار جو اظھار ڪندڙ آھي،جيڪا قومي تشخص ۽ عظمت لئه بهترين حقيقت آھي.قومي حقن لئه جدوجهد ۽ سنڌ جي وارثيءَ لئه ميڊيا تي آواز بلند ڪرڻ به هن ماڊل سان واسطو رکندڙ فردن جي خصوصت آھي پر عملي ڪردار ۽ سنڌي ماڻھن جي مفاد جي حوالي سان ڏسجي ته هن ماڊل جي گهڻن تڻن ماڻھن جا افعال، دعوائن،نعريبازي ۽ نمائش تي مشتمل آھن.ان جو سادو مثال ايئن ڏيئي سگهجي ٿو،جيئن ڪنهن ڳوٺ جي خير خواهي جون ڳالهيون ڪندڙ شخص پاڻ ڳوٺاڻن جون چوريون ڪرائي،زمينون ڦٻرائي ۽ ناانصافين جو طرفدار بڻجڻ باوجود ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن سان محبت جون خبرون ڪري! ڳوٺاڻن کي ڌارين جا ڊپ ڏيئي پنهنجي وڏيرشاهي مضبوط ڪندو رهي!
اهو ماڊل گهڻو معروف ۽ عام جام استعمال هيٺ آھي،ان ۾ عملي ڪردار اڻلڀ ٿي چڪو آھي.جيئن مذھب کي ڪن ماڻھن سهڻي ڪردار بدران نمائش جو نمونو ٺاهي، انسان دشمن ڪم ڪيا آھن،ايئن ئي سنڌ دوستيءَ جي دعوائن جي ڀرمار ۾ پڻ سنڌ دشمن ڪم ٿيندا رهندا آھن! پينسلين ايجاد ڪندڙ سائنسدان اربين ڊالرن جي رائلٽي اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته “منهنجي حياتي باقي ٿوري بچي آھي،اها رقم منهنجي ڪم جي ناهي.قدرت طرفان مليل صلاحيتن مونکان اها ايجاد ڪرائي ۽ آئون اها بني نوع انسان کي بنا معاوضي ڏيئي رهيو آھيان.“
وري دل تي هٿ رکي سوچيو ته آسمان تي ويٺل ”وڏي منصف“ اڳيان انهي سائنسدان جو اعمالنامو اهم هوندو يا هر وقت مذھب جون ڳالهيون ۽ نمائشون ڪرڻ باوجود ڪوڙ،ڪرپشن،حق لڪائڻ ۽ انسانن لئه عذاب پيدا ڪندڙ ڪم ڪرڻ وارو مذھبي ماڻھو! يا وري لٽمار جي پئسن مان ڪيل فلاحي ڪم ۽ عبادتگاهون ٺاهڻ وارا ! ايئن ئي ڏٺو وڃي ته لامحدود لالچن،سکڻين انائن ۽ ڪوڙين نمائشن جو شڪار بڻجي پيل ڪيترن ئي دعويدارن کان وڌيڪ سنڌ دوست ته اهي خاموش سنڌي آھن،جن ميرٽ ايمانداري ۽ پروفيشنل انداز سان ادارا هلائي سنڌ ۽ سنڌين لئه مفيد ڪردار ادا ڪيو آھي! ڪي انمول سنڌي ٻيو ڪجھ ڪرڻ جي حالت ۾ ناهن تڏھن به حق کي حق ۽ ناحق کي ناحق چوڻ جيترو ظرف رکن ٿا! پر پاڻ وٽ سنڌ پرستيءَ جي جيڪا ”ابتي تشريح“ ڪئي پيئي وڃي،ان مطابق
سنڌ جي گهڻگُھرائيءَ جون دعوائون ڪجن،ٻہ ٽي انقلابي شعر پڙھجن ۽ وفاق جي استحصال جا چند مثال ڏيئي،رڳو تحرير ۽ تقرير ۾ سنڌسنڌ ڪجي، باقي عملي طور ڀلي قوم جو ناڻُو لُٽجي،ميرٽ جي ٻيڙي ٻوڙجي،ڪرپشن ڪجي،ڀتاخوري ڪجي،مجرم فردن جو طرفدار ٿيئجي، ماروئڙن جهانگيئڙن کي بدحال بڻائي،ڀلين سندن گرھ ڦٻائجي! پر آھيون وڏا سنڌ پرست! اديب آھيون ته ڪرپشن ۽ لاقانونيت سان اٻولن سنڌين جي ملڪيت ڦري، ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪندڙ سياستڪارن جا چمچا هوندي به پاڻ کي سنڌ جا سڄڻ سڏائيندي ٻُڏي نٿا مرون! صحافي آھيون ته سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي لٽمار تي ته پنا ڪارا ڪريون ٿا، جيڪا سٺي ڳالھ آھي پر هي پنهنجائپ جي نالي ۾ جيڪا ويڌن ٿي رهي آھي،ان تي ٺُپ خاموش آھيون! ٿر ۾ ٻار بک ۾ مرن پيا پر سنڌ جي ايگريڪلچر کاتي طرفان جانورن جي چاري لئه 62 ڪروڙ ۽ جانورن کي مڇرن کان بچائڻ خاطر مڇردانين وٺڻ لئه 22 ڪروڙ رپيه ۽ ايئن ڪتا کسي ڪرڻ لئه ڪروڙين رپيه مختص! مار ! ايئن سنڌ ڀيلجي پيئي پوءِ به وفاق تي گار جو سَٽڪو لڳو پيو آھي! ڇوته آھيون وڏا سنڌ پرست-توبهن!! ڪامورا آھيون ته حڪمرانن سان ملي،سنڌي قوم جي خزاني کي اڏوهي بڻجي کائيندا رهون ٿا ۽ آفيسن ۾ جائز ڪم لئه خالي هٿين ايندڙ سنڌي ڀائرن سان نفرت ۽ ڌڪار وارو رويو رکون ٿا! پر پاڻ کي پهرئين جوڙ جا سنڌ پرست سڏايون ٿا! نڪ جي پَڪائيءَ جي به ڪا حد هوندي آھي! سياست ۾ آھيون ته ڪرپشن کان ڀتي تائين ۽ چندي کان مُفتخوريءَ تائين، قوم کي ڪٿي به بخش نٿا ڪريون پر قوم جي خدمت جي دعوائن مان وِرچُون ئي نٿا! سماجي خدمت جي نالي ۾ مسڪين ماڻھن جي حالت تبديل ڪرڻ بدران مورڳو پنهنجي حالت بدلائي ڪک پتيءَ مان لکپتي ٿي وياسين،پر وڏا سنڌ پرست ۽ انسانيت جا علمبردار سڏايون ٿا! آھي ڪو پاڻ کي، پنهنجي اک جي پِچي ڏيکارڻ وارو! ناشاد رحم علي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *