سجاول ۾ شهري محمد امين ڀٽي جو مختيارڪار عبدلعزيز ڀٽي خلاف احتجاج

82 Views

سجاول
سجاول بااثر مختيارڪار عبدلعزيز ڀٽي ۽ سندس ساٿي اسان کي مارائي سانجي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا
اھڙي خيالن جو اظهار پريس ڪلب سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد امين ڀٽي ۽ سندس پٽ حاجي احمد ڀٽي چيو تہ اسان سجاول شھر وارڊ نمبر ( 11 ) ۾ 30 سالن کان رھندڙ آھيون جنھن کان پھرين سجاول لڳ ڳوٺ فتح محمد سومرو ۾ رھندا ھئاسين جيئن اسان جون زمينون ۽ گھر موجود آهن . ڪجھ ٽائيم مختيارڪار عبدلعزيز ڀٽي.انور ڀٽي محمد ڀٽي وارا بلاجواز جي پنھنجي ھٿيارن معرفت اسان جي گھر ۾ گھڙي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ سجاول شھر جو گھر خالي ڪري نڪري وڃڻ لاء ڌاٻا ڌڙڪا ڏنا نہ نڪري وڃڻ جي صورت ۾ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي ھليا ويا . مختيارڪار عبدلعزيز ڀٽي چيو تہ سجاول جو DC ۽ ايس ايس پي منھنجي کيسي جا ماڻھو آھن جيڪي مونکي ڪجھ بہ نہ ڪندا آئون اوھان کي پرويز عرف پري ملاح وانگر قتل ڪرائي ڇڏيندس ۽ جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيندس پرويز عرف پري ملاح جي قتل ۾ ملوث جوابدار جيڪي آزاد ٿي اسان کي مارڻ لاء مختيارڪار عبدلعزيز ڀٽي جي چوڻ تي ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏي آهي اسان غريب عزت ڌار واپاري آھيون . اسان کي اھڙي خطرناڪ ماڻھن مان جاني خطرو آهي ڪنھن بہ ٽائم تي اسان کي وڏو نقصان ڏيئي سگھن ٿا . اسان DC سجاول ۽ ايس ايس پي سجاول . ڊي آئي جي سنڌ وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا تہ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ڄاڻايل ماڻھن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *