حيدرآباد جي نئين ايس ايس پي جو هاف فراءِ فارمولو به ناڪام، بدامني برقرار

136 Views

حيدرآباد: نئين آيل ايس ايس پي جو هاف فراءِ فارمولو به ناڪام ثابت ٿيو آهي، شهر ۾ بدامني برقرار آهي. اڄ ڏينهن ڏٺي جو ٽنڊو ولي محمد واري علائقي ۾ ڪنفيڪشنري جي دڪان تي اڻ ڄاتل 3 ڦورن ڪاه ڪري دڪان مالڪ سنديپ کي يرغمال بڻايو ۽ کائنس ساڍا 6 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪيو. پوليس موجب ڦورن دڪان تي آيل ٻن خريدارن کان به 70 هزار رپيا ڦر ڪيا.

واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتا فٽيجز ۾ ٽنهي ڦورن کي ڦر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ٽن ڏينهن دوران بدامني تي ضابطي لاءِ 7 ڏوهارين کي پوليس هاف فراءِ ڪيو پر تنهن باوجود ضابطو نه اچي سگهيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.