افغانستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سان سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر ٿيندا: عمران خان

66 Views

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، استحڪام سان ئي سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

روسي ٽي وي کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته طالبان 20 سالن ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ هو  هاڻ تبديل ٿي چڪا آهن. افغانستان ۾ افراتفري ۽ انساني بحران سان سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر ٿيندا. هن چيو ته  پاڪستان ۾ افغان زمين تان دهشتگردي جو به خطرو آهي. 3 دهشتگرد گروپ اڳ ئي افغان زمين استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت اجائي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي،  پاڪستان ڪيئن هن جنگ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. هن سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان افغان فوجين کي وڙهڻ کان منع ڪيو هو.

وزيراعظم عمران خان اهو به چيو ته طالبان حڪومت کي مڃڻ اهم قدم هوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان هن وقت اهم موڙ تي بيٺل آهي هاڻ هو استحڪام طرف وڌندو يا افراتفري طرف. انساني بحران ۽ پناهگيرن جو اهڙو وڏو مسئلو پيدا ٿيندو جنهن سان سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر ٿيندا. ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته دهستگردي جو اڃان به خطرو موجود آهي. طالبان جي ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي وئي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واحد صورت هڪ جامع حڪومت جي جوڙجڪ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جو سربراهي اجلاس ان  حوالي سان اهم آهي ڇو ته ان ۾ افغانستان جا سمورا پاڙيسري ملڪ شريڪ آهن. سموري خطي لاءِ هن وقت افغانستان سڀني کان وڌيڪ اهم موضوع آهي.

افغانستان چاليهه سالن جي جنگي صورتحال کان پوءِ هاڻ يا ته استحڪام طرف وڌندو يا پوءِ غلط رستي طرف هليو ويندو. غلطي رستي تي وڃڻ سان افراتفري، انساني بحران، پناهگيرن جو هڪ وڏو پيدا ٿي سگهي ٿو جنهن سان سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر ٿيندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *