ڪراچي مان اوڻونجاهه کرب، سٺ ارب ٽيڪس جمع، ترقياتي ڪمن لاءِ صرف ٻاونجاهه ارب روپيه جاري

65 Views

گذريل 2 سالن جي دوران ڪراچي مان ايف بي آر 49 کرب 60 ارب 75 ڪروڙ روپيه ٽيڪس روينيو جمع ڪيو. جڏهن ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ صرف 52 ارب روپيه جاري ڪيا ويا. قومي اسيمبلي ۾ پڇيل سوالن جي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2019-20 ۾ 22 کرب 23 ارب 37 ڪروڙ روپيه ۽ مالي سال 2020-21 ۾ 27 کرب 37 ارب 38 ڪروڙ روپيه روينيو جمع ڪيو ويو.

ان ٻن سالن ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي جي تحت وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 61 ارب 35 ڪروڙ روپيه مقرر ڪيا ويا ۽ 52 ارب 7 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا ويا آهن. هڪ لکت واري جواب ۾ ناڻي واري وزير ايوان کي ٻڌايو ته هارين خاص طور تي زيتون، چانهه ۽ مشروم جي پوکي لاءِ بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ نه آهي. لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي سرڪاري ملازمن جي آسامين جي اپ گريڊيشن لاءِ تجويز غور هيٺ آهي.

حڪومت طرفان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيترائي انتظامي ۽ پاليسي ۽ ريليف وارا قدم کنيا ويا آهن. ان ۾ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي، سستي بازار ۽ يوٽيلٽي  آئوٽ لينس، مسابقي ڪميشن، ڊسٽرڪٽ پرائس ڪنٽرول ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪڻڪ، کنڊ گهرائي پئي وڃي. ريليف وارن قدمن جي تحت احساس پروگرام جي تحت فنڊز کي 210 ارب روپين مان وڌائي 260 ارب روپيه ڪيو ويو. بيروزگار ۽ غريب ماڻهن لاءِ پناهه گاهن ۾ اضافو ڪيو ويو.

رپورٽ موجب بيروزگاري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تعميراتي پيڪيج، ٽيڪسٽائيل پيڪيج، ڪامياب جوان پروگرام، ريليف پيڪيج جاري ڪيو ويو. سي پيڪ جي تحت روزگار پيدا ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *