سنڌ حڪومت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي سموري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

71 Views

سنڌ حڪومت سموري صوبي ۾ 22 سيپٽمبر اربع جي ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي سموري سنڌ ۾ 22 سيپٽمبر تي عام موڪل هوندي. شاهه جي رسالي ذريعي سموري دنيا کي امن جو پيغام ڏيندڙ صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع ۾ ضلعي مٽياري جي تعلقي هالا ۾ سيد حبيب شاهه جي گهر ۾ اک کولي. سندس وڏن جو تعلق برات افغانستان سان هو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪيترائي ڊگها سفر ڪيا جن جي تجربن جون جهلڪيون سندس شاعري ۾ ملي ٿي.

هر سال جيان هن سال به  صفر جي 14 تي ڀٽ شاهه ۾ سندس 3 ڏينهن وارو عرس ملهايو ويندو آهي جنهن جي دوران مختلف پروگرام ۽  سيمينار منعقد ڪيا ويندا آهن. ان موقعي تي ميلو به لڳندو آهي ۽ ٽئي ڏينهن مزار تي محفل جاري رهندي آهي جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان جڙيل ساز ۽  تنبورا وڄايا ويندا آهن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *