ٽرانسپورٽرن کي گرفتار ڪري گاڏيون تحويل ۾ ورتيون وڃن: سنڌ سرڪار

78 Views

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ ٽرانسپورٽرن کي گرفتار ڪري گاڏين کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گھروکاتي طرفان سمورن ڪمشنرن کي خط لکي حڪم ڪيو ويو آھي ته اڄ ۽ سڀاڻي خاص مھم ھلائي وڃي، موٽروي تي ھلندڙ مسافر گاڏين کي چيڪ ڪيو وڃي.

 ٽيڪسيز، ھوم ڊليوري سروس فراھم ڪندڙ گاڏين، وينز ۽ ڪوسٽرز کي به چيڪ ڪيو وڃي، بس اڏن جي به انسپيڪشن ڪئي وڃي، جيڪڏھن مسافر گاڏين جو اسٽاف ويڪسينيٽيڊ نه ھجي ۽ بس اڏن تي به اسٽاف ويڪسينيٽيڊ نه ھجي ته ڪارروائي ڪئي وڃي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته مسافر گاڏيون ۽ بس اڏا سيل ڪيا وڃن ۽ گرفتاريون ڪيون وڃن، خط ۾ ڄاڻايو ويو ته اين سي او سي جون ھدايتون آھن، ڪاررواين جي رپورٽ گھروکاتي کي اماڻي وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *