روس جي يونيورسٽي ۾ شاگرد جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

70 Views

روسي شهر پرم جي يونيورسٽي ۾ شاگرد جي  فائرنگ سان 5 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي ٿي پيا، فائرنگ دوران شاگرد جان بچائڻ لاءِ يونيورسٽي جي درين مان ٽپو ڏئي ٻاهر نڪتا، روسي خابرو اداري موجب يونيورسٽي ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار به مارجي ويو.

غيرملڪي خابرو اداري موجب پرم شھر جي يونيورسٽي ۾ ھڪ شاگرد اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني، نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

يونيورسٽي ترجمان ۽  پوليس عملدارن موجب فائرنگ جي واقعي بعد قانون نافذ ڪندڙ ادارن ايڪشن ورتو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، واقعي جي جاچ جاري آھي.

سوشل ميڊيا تي جاري وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ حملي کان بچڻ جي لاءِ يونيورسٽي جا شاگرد ڪلاس روزمز جي درين مان ٽپا ڏئي رھيا آھن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *