سن واقعي تي سنڌ حڪومت ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ سنڌ اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس

59 Views

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار پاران سن ۾ ملاح برادري جا لاش قبرن مان ڪڍڻ واري واقعي خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش

ڪيو ويو. نندڪمار چيو ته سن واقعي سنڌ جي سيڪيولر سوچ کي قتل ڪيو آ، مرڻ کان پوءِ انسان جو لاش به محفوظ ناهي، هن واقعي سموري سنڌ کي لوڏي ڇڏيو آهي،

هي واقعو سنڌ جي پرامن ڌرتي تي پيش آيو آ، سنڌ حڪومت ڪهڙي ڪارروائي ڪئي ٻڌايو؟ صوبائي وزير مڪيش ڪمار جواب ڏيندي چيو ته هن واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *