ٿرڪول بلاڪ ون جا متاثر ڪمپنين جي ظلم جو شڪار، ڪمپني جي سي اي او خلاف دانهون

56 Views

ٿرڪول بلاڪ ون جا متاثر ڪمپنين جي ظلم ۽ جبر جو شڪار،ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو گهيري ۾،سائينو سنڌ ڪمپني مسئلن کان لاتعلق بڻجي ويئي،ڳوٺاڻن جون ڪمپني جي سي اي او خلاف دانهون،

خبرموجب:ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثر ڳوٺن جا رهواسي ڪمپنين جي ظلمن ۽ جبر جو شڪار ٿي ويا آهن،ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو مڪمل طور تي ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني جي گهيري ۾ اچڻ ڪري سمورا لنگھ ۽ رستا بند ٿي ويا آهن،ڳوٺاڻن جي دانهن ڪوڪن ۽ مسئلن کان سائينو سنڌ ڪمپني مڪمل طور تي لاتعلق بڻجي ويئي آهي،سائينو سنڌ ڪمپني جو سي اي او چوڌري قيوم متاثر ڳوٺاڻن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران غائب ٿي ويو آهي،جنهن هڪ به ڏينهن مقامي رهواسين سان مسئلن جي حل بابت ڪا هڪ به گڏجاڻي ناهي ڪئي،مائننگ سائيٽ تي ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني جي سي اي او چوڌري قيوم کي ڳوٺاڻن ڪڏهن اکين به ناهي ڏٺو،رهواسي شڪايتون ۽ دانهون ڪندي نظر اچن ٿا،سنڌ حڪومت جي سخت هدايتن کي به ڪمپني ٿڏي ڇڏيو آهي،توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ پاران 80 سيڪڙو مقامي ماڻهن نوڪرين تي لڳائڻ وارين هدايتن تي به ڪمپني عمل ناهي ڪيو،اُنهي سلسلي ۾ ٿرسماجي تحريڪ پاران ڳوٺ وروائي ۽ تلوايوٻ۾ ڪارنرگڏجاڻيون ڪيون ويون،جنهن ۾ فشر فوڪ فورم جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم محمد علي شاھ جي نياڻي ياسمين شاھ،مويش لغاري،اسلم ملاح،اميرحسن راهمون،نصير نون ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جي ڳوٺاڻن سائينوسنڌ ڪمپني جي ظلمن جا داستان کولي ڇڏيا،ڳوٺاڻن احمد،گلاب،گالو،صلاح،علي رضا،قربان ۽ مدد مهراڻپوٽي چيو دانهيندي چيو ته ڪمپني وارن اسان کي کاري جي پاڻي سان ٻوڙي ڇڏيو آھي،اسان جا کوھ ۽ پيئڻ جي پاڻي جا تلاءُ،پوکيل فصل تباھ ڪيا ويا آهن،اسان جون اُٺيون ٻڪريون رڍون ۽ ٻيو مال کارو پاڻي پي رهيو آھي،جيڪو اُتي مئل حالت ۾ پيل آھي،مائنگ جي ڍمپنگ اسان جي گهرن مٿان ڪئي پئي وڃي،اسان کي جيئري پوري رهيا آھن اسان پنهنجي مدد پنهنجي زمين کي بند ٻڌا آھن اسان جي ڳوٺ کي کاراڌار تار لڳائي وئي آهي قبرستان طرف وڃڻ جو رستو به بند ڪيو ويو آهي،اسان 50 ڪلو پند ڪري قبرسان ويندا آھيون ڪير به اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،اسان سائينو سنڌ ڪمپني جي سي اي او چوڌري قيوم جو نالو اڄ اوهان جي واتان ٻُڌون ٿا،ايڏي وڏي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني جي سي اي او کي ڪڏهن اسان اکين به ناهي ڏٺو،اسان سان ڪارو ظلم هلي رهيو آهي،ڪير به مدد نه ٿو ڪري،ڪيڏانهن وڃون،اُن موقعي تي ٿر سماجي تحريڪ پاران وچن ڪيو ويو ته اسان توهان سان گڏ آھيون،ڳوٺاڻن ۾ حاجي ثناءُ اللّٰه راهمون،فيض محمد راهمون ۽ ٻيا شامل هئا،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *