وفاقي حڪومت پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف پ پ ٽنڊوالهيار جي قيادت جو احتجاج

57 Views

ٽنڊوالهيار

رپورٽ اعظم بوزدار

وفاقي حڪومت جو عوام تي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو بم ڪرائڻ بابت پاڪستان پيپلزپارٽي ٽنڊوالهيار پاران احتجاج مظاهرو ڪيو ويو,

پيٽرول، ڊيزل، گيس ، ڊالر توڙي عام غريب ماڻهن توڙي هر پاڪستان جي بنيادي استعمال هيٺ ايندڙ شين جي اگهن ۾ چوٽ واڌاري، بجلي ۽ گئيس جي لوڊشيڊنگ ۽ 17 هزار سرڪاري ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف ڪيريا شاخ باءِ پاس ٽنڊوالهيار تي عمران نيازي ۽ وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو,

احتجاجي مظاهري ۾ پ پ پ اڳواڻ سردار اعجاز منظو علي خان پتافي, تعلقي چمبڙ جو صدر محمد رمضان مري، تعلقي چمبڙ انفارميشن سيڪريٽري رئيس محبوب علي پتافي, آفتاب جوڻيجو, غلام قادر دل, وڏيرو شوڪت علي خاصخيلي, محمد صالح ميرجت سميت پ پ ضلعي، تعلقي سٽي ۽ مختلف ذيلي ونگن جي عهديدارن، اڳوڻن نمائندن سميت پارٽي ورڪرن ۽ جيالن ڀرپور شرڪت ڪئي,

مظاهرين احتجاج دوران سخت نعريبازي ڪندي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته سليڪٽيڊ حڪمران ڪڏهن به ملڪ نٿا هلائي سگهن هي عوام سان ظلم ڪري رهيا آهن,

پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگار پريشان آهن غربت ۽ بيروزگاري ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي,

جمهوريت پسند آهي اسان جي اڳواڻن قربانيون ڏنيون آهن اسين ائين خاموش نه ويهنداسين قائد جي حڪم تي ملڪ لٽيندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *