ڳڙھي چاڪر لڳ ڳوٺ غلام حسين منگراھ جو پرائمري اسڪول زبون حال هجڻ خلاف شاگردن جو احتجاج

47 Views

ڳڙھي چاڪر رپورٽ ڪامران بوزدار،،،
ڳوٺ غلام حسين منگراھ جو پرائمري اسڪول زبون حال هجڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي فلاحي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن شائسته کوسو اسڪول جي دوري تي پھتي ، ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اسڪول جي بلڊنگ ۽ فرنيچر جي کوٽ ڏسي ڪري افسوس ٿيو آھي سموري سنڌ جي اسڪولن جي حالت تمام خراب آھي ۽ سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا ھٿن سان اسان جي ٻارڙن جي مستقبل تباھ ڪري رھيا آھن ته جيئن غريبن جا ٻار تعليم نه پرائي سگهن پر ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان پنھنجي حقن لاءِ ھميشه آواز بلند ڪندا رھنداسين، وڌيڪ شاگردن فلاحي تنظيم جي ذريعي ء ميڊيا جي ذريعي ڊي سي گھوٽڪي ،تعليم جي سيڪريٽري ء وزير تعليم سميت تمام وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسين گرمي توڙي سردي کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آھيون خدارا بلڊنگ جي نئين سر تعمير ڪرائي وڃي ۽ فرنيچر ڏنا وڃن ته جيئن اسين تعليم حاصل ڪري سگهون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *