تعلقو ڪنڊيارو جي يوسي ڪمالديرو ۾ هاءِ اسڪول کي هڪ ٻيو اعزاز ملي ويو

71 Views

تعلقو ڪنڊيارو يوسي ڪمالديرو ۾ واقع هاء اسڪول ڪمالديرو کي مليل هڪ ٻيو اعزاز ۔۔۔۔۔ سنڌوء درياء جي ڪپ تي واقع سنڌ جي سهڻي هاء اسڪول ڪمالديرو مان سال 2021 جي سالياني امتحان ۾ A1 گريڊ ۾ پاس ٿيندڙ مشاهد حسين ڪلهوڙو پنهنجي اسڪول جي نالي کي روشن ڪري ورتو هن پي ايم سي جي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ۾ 158 مارڪون کڻي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٻين پوزيشن ماڻي اسان جي اسڪول جو ناء روشن ڪيو جنهن تي اداري طرفان ۽ سماجي ورڪرن علاقي واسين پڻ اڻ ڳڻيون مبارڪون پڻ مشاهد حسين کي پيش ڪيو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *