پريس ڪلب سجاول اڳيان (15) ڏينھن کان پ پ جيالو نوڪري لاءِ علامتي بک هڙتال تي ويٺل

55 Views

سجاول رپورٽ شبير احمد ملاح.
سجاول.
پ پ جو جيالو حسين شيخ
پريس ڪلب سجاول اڳيان (15) ڏينھن کان بک هڙتال تي ويٺل پ پ جيالو ڪامريڊ حسين شيخ صحافين اڳيان ڌانھيندي چيو تہ پ پ ضلع سجاول جي قيادت مونکي پٽيوالي ڏيڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏيئي نوڪري کان نظر انداز ڪيو آھي ھڪ سال اڳ نوڪري لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي ھئي ان وقت پيپلزپارٽي تعلقہ سجاول جي صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ پٽيوالي نوڪري ڏيارڻ جو دلاسو ڏيئي بک هڙتال ختم ڪرائي . ھن وقت قيادت وٽ ورڪرن لاءِ نوڪريون موجود آهن پر مون غريب کي ھڪ پٽيوالي نوڪري ڏيڻ کان انڪاري آهن.
ڪامريڊ حسين شيخ ٻڌايو تہ ھو سخت ٻچڙيوال ۽ غريب مسڪين گذريل ڊگهي وقت کان بيروزگار آھي . ڪامريڊ حسين شيخ جي حمايت ۾ ۽ ضلعي قيادت جي خلاف ارڏاين ورڪر دشمن پاليسن خلاف پ پ سجاول جي ٻن جيالن MRD دور ۾ جدوجھد ڪندڙ سجاول کان ڳڙھي خدابخش پيادل مارچ ۾ شامل ضياءُ الحق دور ۾ جيلن جون سختيون ڀوڳيندڙ ڪامريڊ نياز ڀٽي ۽ با با عمراڻي ھڙتال تي ويٺا آخر ۾ ھنن پيپلزپارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪندي چيو تہ سجاول ضلعي جي ورڪرن سان انصاف ڪيو وڃي .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *