سنڌ ۽ پنجاب ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ تي مجبور

285 Views

سنڌ ۽ پنجاب ۾ برساتن کان پوءِ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سنڌ ۾ پوندڙ تيز برساتن سبب بدين جي تعلقي گولاڙچي مان گذرندڙ سم نالن ۽ شاخن جي پشتون ۾ پوندڙ گهارن تباهي مچائي ڇڏي.

سانگهڙ جي تعلقي سنڌڙي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪچن گهرن جون ڀتيون ڪري پيون. جڏهن ته ٽنڊومحمدخان ۾ متاثر ماڻهو گهر ڇڏي روڊن تي اچي پناهه ورتي آهي. ان کان علاوه ڊگري ۾ 200 کان وڌيڪ ڳوٺ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن.

  پنجاب جي ضلعي ليه ۾ 40 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. خوشاب ۽ راجن پور ۾ چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جون فصلون سخت متاثر ٿيون آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.