خيرپور واسڻ پسند جي شادي ڪندڙ مرڪ لاشاري انصاف لاءِ سکر پريس ڪلب پهتي

59 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)خيرپور جي  ڀرڳڙي واسڻ پسند جي شادي ڪندڙ مرڪ لاشاري انصاف لاءِ سکر پريس ڪلب پهتي، ٽن مهينن جي حمل سان آهيان، والد زبردستي مڙس مٿان ڪيس داخل ڪري ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ گهري ٿو، ڪيس ختم ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ خيرپور جي علائقي ڀرڳڙي جي رهواسڻ پسند جي شادي ڪندڙ مرڪ لاشاري نوجوان اسد پٺاڻ سان ڪراچي ۾ شادي ڪرڻ بعد والد پاران گهر وٺي ٻئي هنڌ پرڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري عمل خلاف مرڪ لاشاري پنهنجي وڪيل محمد رضا سومرو معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف  اختيار ڪيو آهي ته پيء وياج جي پئيسن لاهڻ لاءِ وڪرو ڪرڻ گهري ٿو ۽ منهنجي مڙس خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪيو پيو وڃي، هن عدالت کي استدعا ڪئي آھي ته ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي مونکي ۽ منهنجي مڙس کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *