سنڌ حڪومت تعليمي بورڊز جي قرضي، 3 ارب رپيا رهتون، بورڊن جا ملازم پگهارن لاءِ پريشان

49 Views

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن جي اربين رپين جي قرضي ٿي وئي، سنڌ سرڪار کان پئسا نه ملڻ جي ڪري بورڊن جا ملازم پگهارن لاءِ پريشان. ان سلسلي ۾ سنڌ جا تعليمي بورڊ سنڌ سرڪار پاران فين جي رقم ۽ رهتون نه ملڻ جي ڪري سخت مالي بحران جو شڪار ٿي ويا جنهن سبب اهي بورڊ پنهنجن ملازمن کي پگهارون ڏيڻ کان به قاصر بڻيل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ جي تعليمي بورڊن جا سرڪار ڏانهن شاگردن جي فين جي مد ۾ ساڍا 3 ارب رپيا رهيل آهن جيڪي سنڌ سرڪار ادا ڪري نه سگهي آهي. سنڌ حڪومت 2017ع ۾ اعلان ڪيو هو ته گورنمينٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان تعليمي بورڊ امتحانن جون فيون وصول نه ڪندا. اهڙي اعلان بعد شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحاني في ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته سنڌ سرڪار به گهربل في بورڊن کي ادا نه ڪئي جنهن جي ڪري بورڊ مالي بحران جي ورچڙهي ويا. رڳو حيدرآباد جي تعليمي بورڊ جا سرڪار ڏانهن هڪ ارب 10 ڪروڙ رپيا رهيل آهن. ان رقم ۾ 56 ڪروڙ رپيا گذريل سال جي رهت آهي جڏهن ته 2021ع دوران به 54 ڪروڙ رپين جون رهتون تعليمي بورڊ کي ملي نه سگهيون. سنڌ سرڪار پاران رقم جاري نه ٿيڻ جي ڪري تعليمي بورڊ حيدرآباد ملازمن جي مختلف مد ۾ رکيل رقم مان پگهارن جي ادائيگي ڪئي، جڏهن ته ميرپورخاص بورڊ جي ملازمن کي 7 ڏينهن بعد پگهارن جي ادائيگي ڪئي وئي. اهڙي بحران جي ڪري بورڊن جا ملازم سخت پريشان آهن. رهتن جي ادائيگي جي لاءِ ملازمن پاران گڏيل طور تي احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آپڪا پاران به شرڪت ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ ايجوڪيشنل بورڊز ڪاميٽي ۽ آپڪا جو هڪ گڏيل اجلاس آپڪا سنڌ جي جنرل سيڪريٽري اشرف خان بوزئي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ايس اي بي سي جي چيئرمين اعجاز علي ڪاڪا سميت ڪراچي، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي بورڊ جي عهديدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ سومر کان مرحيلوار تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن مطابق ابتدائي طور بورڊ جا ملازم ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آفيسن ۾ ڊيوٽي ڪندا. ان دوران 11 آڪٽوبر تي تعليمي بورڊ حيدرآباد جي عهديدار پاران پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي. 12 آڪٽوبر تي سکر ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. 13 آڪٽوبر تي ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي. 14 آڪٽوبر تي ڪراچي تعليمي بورڊ ۽ 15 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي جي تعليمي بورڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪري بورڊن کي رقم جي ادائيگي جا مطالبا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيستائين تعليمي بورڊن کي ادائيگي نه ڪئي ويندي تيستائين انٽر جي امتحان جي نتيجن جو اعلان نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته نائين ڪلاس جي انرولمينٽ بنا في جي نه ڪئي ويندي جڏهن ته اجلاس ۾ چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ملازمن جي احتجاج جي باوجود ادائيگيون نه ڪيون ويون ته پوءِ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جا ملازم سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪندا. اجلاس ۾ هڪ ڪاميٽي به تشڪيل ڏني وئي جيڪا حڪومتي وزيرن ۽ اپوزيشن جي ليڊر ۽ ٻين چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪندي. ڪاميٽي ۾ اعجاز ڪاڪا، عبدالعزيز قريشي، مصطفيٰ پيرزادو، نديم قاضي، محمد علي ڏيپر، نعمان راجپوت، آغا سعيد، عبدالوهاب لاکو، علي شان شاهه، انوار خان زئي ۽ شڪيل احمد کي شامل ڪيو ويو آهي. تحريڪ دوران بورڊن جا ملازم احتجاجي جنرل باڊيون به منعقد ڪندا جڏهن ته احتجاجي جلوسن سان گڏ چيئرمينن جي آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرن جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي ايس اي بي سي جي چيئرمين اعجاز ڪاڪا ٻڌايو ته تعليمي بورڊ سخت مالي بحران جو شڪار آهن ان ڪري مختلف امتحانن جا نتيجا جاري ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته رزلٽن ۽ مارڪس شيٽن جي ڇپائي نه ٿي سگهي آهي. بوردن کي ڪوڊنگ، ڊي ڪوڊنگ ۽ اسيسمينٽ جا پئسا به ادا ڪرڻا پون ٿا. ان کانسواءِ نتيجا ليجرن تي چڙهن ٿا. بورڊن کي سرڪار ادائيگي نٿي ڪري. بورڊن جا ملازم هاڻي احتجاج تي مجبور ٿي پيا آهن ۽ اهو احتجاج تيستائين جاري رکيو ويندو جيستائين بورڊن کي رهتن ۽ سال 2021ع جي فين جي رقم ادا نه ڪئي ويندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *