ڪراچي: سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار آهن: رمضان بليدي

73 Views

سنڌ نيشنل پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيو آھي ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار آهن آخر هن ماروئڙن جي مدد ڪير ڪندو؟ ڪراچي جا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن سنڌ ۾ حڪومت به سنڌين جي آھي پر ان باوجود سنڌي ڳوٺن کي بنيادي حق نه ملي سگھيا آهن ڳوٺن ۾ روڊ رستا۔ سيوريج۔ پاڻي۔ نه صفائي نه تعليمي اداره نه صحت جا مرڪز آخر ڌرتي ڌڻين پنهنجي ئي وطن جي شهرن ۾ نظرانداز ڇو آھن ڪنھن اڳيان دانهن ڪجي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي ھن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌي وسندين کي مالڪاڻا حق ڏين ڳوٺن کي ليز ڪري پڪو ڪن ڇو ته پيپلز پارٽي حڪومت کي ڪراچي ۾ سنڌي ۽ بلوچ ووٽ ڏيندا آهن باقي غيرسنڌي موقع پرست آهن هو ڪڏهن به اسان جا نه ٿيندا تنهن ڪري سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ ڌرتي ڌڻين کي آباد ڪري

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *