صبا قمر ۽ سونيا حسين پوليس آفيسر جي ڪردار ۾ اينديون

47 Views

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا صبا قمر ۽ سونيا حسين پوليس آفيسر جي ڪردار ۾ اينديون.

تفصيل موجب پاڪستان ڊراما انڊسٽري جون 2 ڀلوڙ ۽ خوبصورت اداڪارائون صبا قمر ۽ سونيا حسن جلد هڪ ئي ڊرامي ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ اچي رهيون آهن،

ناليواريون اداڪارائون هدايتڪار عدنان سرور جي ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيون ويون آهن.صبا قمر ۽ سونيا حسين کي  پوليس آفيسر جو ڪردار ڏنو ويو آهي

ٻنهي اداڪارائن تصويرون پڻ شيئر ڪري ڇڏيون آهن جن کي سوشل ميڊيا تي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *