سول ايوي ايشن ڊويزن 16 مئي کان ملڪ اندر اڏامون بحال ڪري ڇڏيون

235 Views

اسلام آباد: سول ايوي ايشن ڊويزن 16 مئي کان ملڪ اندر اڏامون بحال ڪري ڇڏيون آهن.

سول ايو ايشن ڊويزن طرفان 16 مئي کان ملڪ اندر اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سول ايوي ايشن طرفان نوٽيفيڪشن موجب پشاور ايئرپورٽ کان 4 ۽ ڪوئٽه ايئرپورٽ کان هفتي ۾ 8 اڏامون هلنديون، جڏهن ته اسلام آباد علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور کان هفتي ۾ 32 اڏامون هلنديون.

نوٽيفيڪيشن موجب جناح ايئرپورٽ ڪراچي کان هفتي ۾ 68 اڏامون هلنديون جڏهن ته پي آءِ اي ۽ سيرين ايئرلائن کي ملڪ اندر اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *