فڪسنگ جو الزام لڳائيندڙن کي هميشه نظرانداز ڪندو آهيان: وسيم اڪرم

268 Views

 پاڪستان جو اڳوڻو فاسٽ بالر وسيم اڪرم فڪسنگ جي الزامن کان تنگ اچي ويو هن چيو ته الزام لڳائيندڙن لاءِ مون وٽ ٽائيم ڪونهي جو آئون هنن کي جواب ڏيان.

رپورٽ موجب تازو ئي  مختلف رانديگرن طرفان وسيم اڪرم تي فڪسنگ جا الزام لڳايا ويا. عطاءُالرحمان پنهنجي ڪيريئر تباهه ڪرڻ جو ذميوار کيس ڏنو. جڏهن ته عامر سهيل ته تمام گهڻا سنگين نوعيت جا الزام لاڳو ڪيا.

ويب سائيٽ ڪرڪيٽ پاڪستان موجب وسيم اڪرم هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن مان پنهنجي باري ۾ اهڙي طرح جون منفي شيون ٻڌندو آهيان ته ڪافي ڏک ٿيندو آهي مون کي ڪرڪيٽ مان رٽائرڊ ٿيندي 17 سال گذري ويا آهن پر ڪجهه  ماڻهو اڃان تائين پنهنجن مفادن لاءِ منهنجو نالو خراب ڪري رهيا آهن.

مان هميشه ئي اهڙن ماڻهن کي نظر انداز ڪندو آهيان اڳيان به  ائين ئي ڪندس. مون وٽ اهڙن ماڻهن لاءِ ٽائيم ڪونهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *