اسڪول کولڻ بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو: سعيد غني

272 Views

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪول واحد هنڌ آهي، جيڪو سڀ کان آخر ۾ کوليا ويندا.

جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته اسڪول کولڻ بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن اسڪول کوليا به ويا ته والدين پنهنجا ٻار پڙهڻ لاءِ نه موڪليندا.

هن چيو ته تعليمي ادارا سڀ کان آخر ۾ کوليا ويندا.

سعيد غني چيو ته ٽرانسپورٽ کولڻ بابت ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ايس او پيز تحت پبلڪ ٽرانسپورٽ کولي ويندي.

صوبائي وزير چيو ته ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ عوام کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو…………

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *