صنم ماروي يو ٽرن وٺندي گلوڪاري ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

328 Views

هڪ ڏينهن اڳ گلوڪاري کي الوداع  ڪندڙ گلوڪاره صنم ماروي يو ٽرن وٺندي گلوڪاري ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب صنم ماروي طرفان گلوڪاري کي الوداع چوڻ جو اعلان ان وقت ڪيو ويو هو جڏهن ان جي ماٽيلي ڀيڻ گلوڪاره ريشمان پروين سندس مٿان سخت الزام لڳائيندي  سندس خلاف پوليس ۾ رپورٽ داخل  ڪرائي ڇڏي آهي.

ماٽيلي ڀيڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ صنم ماروي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي اعلان ڪيو هو ته مان ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن  دوران گلوڪاري کي ڇڏي ڏيندس. صنم ماروي جذباتي انداز ۾ چيو ته جڏهن پنهنجا ويجها مائٽ ئي دشمن بڻجي وڃن، پئسو ۽ ملڪيت تڪرارن جو سبب بڻجي ته ان شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکان.

صنم ماروي خانداني جهيڙي کي مداحن جي تڪرار سان جوڙيندي چيو هو ته  منهنجي گلوڪاري ڇڏڻ جو هڪ سبب سنڌي مداحن طرفان منهنجي ڪردار ڪشي ڪرڻ به شامل آهي.

ياد رهي ته صنم ماروي اها به دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ جي مداحن هميشه منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي جڏهن ته سڄي پاڪستان جي ٻين مداحن مون کي تمام گهڻي عزت ڏني.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *