شاهپورجهانيان: ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگهيو ۾ بجلي جي تارن مان ٻن گهرن کي اوچتو باهہ وڪوڙي وئي

263 Views

شاهپورجهانيان رپورٽ سيف الله ٻگهيو
شاهپورجهانيان ڀرسان ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگهيو ۾ بجلي جي تارن مان ڳوٺاڻي محرم ٻگهيو ۽ سيد شهنشاهہ جي گهرن کي اوچتو باهہ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل سمورو سامان هنڌ، بسترا ۽ اناج سڙي رک ٿي ويو، جڏهن تہ اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نہ پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهہ تي ضابطو آندو، جڏهن تہ باهہ متاثرين کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *