جيسمين ڀاسن جي ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش ايندڙ جدوجهد بابت اهم انڪشاف

172 Views

ممبئي:ڀارتي ٽي وي جي اداڪاره جيسمين ڀاسن ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش ايندڙ جدوجهد بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته آڊيشن ۾ بار بار ناڪامي تي آپگهات جو سوچيندي هيس.

ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي 26 سالن جي اداڪاره جو چوڻ هو ته کيس آڊيشن وقت ڪيترائي ڀيرا فيل ڪيو ويو جنهن ڪري هوءَ پاڻ تان اعتماد وڃائي ويٺي هئي.

جيسمين ڀاسن مطابق هن هڪ ويڙهاڪ وانگي آپگهات وارين حالتن سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي خامين کي قبول ڪندي اونڌاهي واري مشڪل مرحلي کي پار ڪيو.

اداڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن آئون ممبئي ۾ جدوجهد جي سفر مان گذري رهي هئي هيس ته ان وقت منهنجي ويڙهه پنهنجي پاڻ سان هئي ڇو ته آئون ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو اعتماد وڃائي رهي هيس.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *