راڻيپور قومي شاهراهه تي موٽرسائيڪل جي دڪان جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي ويا دڪاندارن جو احتجاج

292 Views

راڻيپور
قومي شاهراهه تي قائم موٽرسائيڪل جي دڪان جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي ويا دڪاندارن مشاهد حسين دايو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته رات نامعلوم چور منهنجي دڪان جا تالا ٽوڙي فرار ٿي ويا آهن اهڙي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پولیس هن مهل تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي هن چيو اڄ منهنجي دڪان جا تالا ٽوڙي ويا آهن سڀاڻي ٻئي دڪاندار جي چوري ڪري وڃن ته ان جو ذميوار ڪير آهي هن چيو پوليس شهر ۾ امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي هن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آھي راڻيپور ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي شهر جو امن بحال ڪرايو وڃي ته جيئن علائقي جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي
اميد علي ڄامڙو نيوز 10 تعلقو صوڀوديرو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *