عيدالاضحيٰ بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي: ڊاڪٽر ظفر مرزا

284 Views

وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي دوران ڪورونا وائرس کي ورڪڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي لاءِ جلد حڪمت عملي ٺاهينداسين ۽ عيدالاضحيٰ بابت اين سي او سي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

جڏهن ته عالم سڳورن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون جا اثر جلد سامهون اچي سگهن ٿا پر جن شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ٿيو اتي ڪورونا جي ڪيسن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. حڪومتي قدم ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ آهن.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 ايس او پيز ٺاهيا ويا آهن ڇو ته ماڻهن جي روين ۾ تبديلي اچڻ ۾ وقت لڳندو آهي. ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ پاڪستاني معاشرو سمجهڻ ضروري آهي.

هن چيو ته پاڪستاني معاشري ۾ ماڻهو قانون تي به عمل نٿا ڪن. ايس او پيز تي عمل مثالي ناهي پر ماڻهو رويي ۾ تبديلي آڻي رهيا آهن. هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي لاءِ ڪابه مخصوص دوا ناهي آئي. 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.