جاتي لڳ ڪارنھن جي الزام هيٺ ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ حاجران ۽ رفيق ھنڱورجو کي قتل ڪري ڇڏيو

460 Views

سجاول:ضلعي جي شھر جاتي لڳ ڳوٺ جمعون ھنڱورجو ۾ ڪارنھن جي الزام ۾ ڀاءُ محمد حنيف ھنڱورجو پنھنجي ڀيئڻ نوجوان ناري حاجران ھنڱورجو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ناري جو چاھيندڙ رفيق ھنڱورجو کي پڻ قتل ڪري ڇڏيو ھو.پوليس واقعي واري ھنڌن تي پھچي ٻنھي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ھو.جاتي ۽ ميرپوربٺورو ٻنهي ٿاڻن جي پوليس واقعي ھنڌ پھچي وئي گوليون ھڻندڙ جوابدار حنيف ھنڱورجو پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ھو.قتل جو ڪيس جاتي ٿاڻي ھڪ ڌر پاران داخل ڪرايو ويو آھي.رابطو ڪرڻ تي ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر ٻڌايو ته پوليس ھڪ ڪلاڪ ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري استعمال ٿيندڙ ھٿيار ۽ گوليون جا کول ھٿ ڪري ورتا آھن.جوابدار پاڻ اقرار به ڪيو آھي ته ڪارنھن جي الزام ۾ مون پنھنجي ڀيڻ ۽ سندس چاھيندڙ کي قتل ڪيو آھي.جنھن کانپوء جاتي ٿاڻي ۾ ھڪ ڌر پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي.ان جوابدار تي ٻه قتل جا ڪيس داخل ٿيندا ھن ٻه قتل ھڪ ڏينھن ۾ ٻه ٿاڻن جي حدن ۾ ڪيا آھن ھڪ جاتي ۽ ميرپوربٺورو ٿاڻي جي حد ۾ ان ڪري ٻن ٿاڻن ۾ الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويندا ھن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جو جاتي ۾ ٻنھي ڌرين جي گھرن اڳيان پڪيٽ قائم ڪيون ويون آھن نفري پڻ وڌائي وئي آھي جئين غيرمناسب واقعو پيش نه اچي سگھي.

عتيق الرحمان کتري سجاول

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *