سکر ۾ سنڌ ويگن اونرز ايسوسيئشن جو اجلاس بس اسٽينڊ سکر تي منعقد ڪيو ويو

316 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سنڌ ويگن اونرز ايسوسيئشن جو اجلاس بس اسٽينڊ سکر تي منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻين ڪاروبارن جيان ٽرانسپورٽ به کوليو وڃي جيڪڏهن عيد تائين ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت نه ملي ته عيد جي چوٿين ڏينھن تي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاھ جي گھر ٻاھران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ان ڏس ۾ آل سنڌ ويگن اونرز ايسوسيئشن جو اجلاس صدر منظوربروھي جي صدارت ۾ سکر جي جنرل بس ٽرمينل تي ٿيو جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري علي حسن ڪھيري۔ حاجي شمن کوسو سليم بندھاڻي، وحيد کوسو سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽ کي سنڌ ۾ هلائڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته عيد جي چوٿين ڏينھن تي وزير ٽرانپورٽ اويس شاھ جي گھر ٻاھران ڌرڻو ھنيو ويندو اجلاس بعد ميڊيا سان ـ ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ٻيا ڪاروبار ايس او پيز جي شرتن تي کوليا ويا آهن اسان کي به ايس او پيز تحت ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي هنن چيو ته هڪ گاڏي جي هلڻ سان 10 گهرن جو چلهو ٻرندو آھي جنهن ۾ ڊرائيور، ڪلينڊر، مستري هوٽل وارا ۽ مالڪ شامل آهن ٽرانسپورٽ بند هجڻ ڪري واڳيل خاندان بکون ڪاٽي رهيا آهن ـ هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻي صورت ۾ عدالتن جو در کڙ ڪائيندا سين جڏهن ته عيد جي چوٿين ڏينھن تي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاھ جي گھر ٻاھران ڌرڻو ھنيو ويندو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.