وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي رپورٽن ۾ ڪجهه به ناهي، ادارا ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن: چيف جسٽس

292 Views

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به شيءَ ۾ شفافيت نظر نه پئي اچي، ٻن روپين ۾ ماسڪ ملندو آهي، اهڙين شين تي اربين روپيه ڪيئن خرچ ڪيا پيا وڃن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي رپورٽن ۾ ڪجهه به ناهي، نه پيو ٻڌايو وڃي ته ادارا ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن، لڳي ٿو ته سمورو ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ٿي رهيو آهي. ڇا ادارا ايئن ڪم ڪندا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار اهمد جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وفاق طرفان اٽارني جنرل پيش ٿيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ اي پي پيز تي اربين روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ڪورونا جي خرچ جي آڊٽ ٿيندي ته اصل ڳالهيون سامهون اينديون. لڳي ٿو ته سمورو ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ٿي رهيو آهي.

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي رپورٽن ۾ ڪجهه به ناهي، نه پيو ٻڌايو وڃي ته ادارا ڪهڙا ڪم ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به شيءَ ۾ شفافيت نه آهي، ٻن روپين ۾ ماسڪ ملندو آهي، اهڙين شين تي اربين رويپا ڪيئن خرچ ڪيا پيا وڃن، خبر نه ٿي پئي ته اهي شيون ڪيئن خريد ڪيون پيون وڃن، ٻڌايو وڃي ته ماسڪ ۽ هينڊ گلوز لاءِ ڪيترا پئسا خرچ ڪيا ويا، سنڌ حڪومت هڪ درخواست تي دڪان ۽ فيڪٽري کولڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا حاجي ڪيمپ قرنطينا جو دورو ڪيو ويو آهي، جنهن تي صحت واري سيڪريٽري چيو ته دورو ڪيو ته حاجي ڪيمپ غير فعال هئي. صحت واري سيڪريٽري چيو ته هڪ ڪمري ۾ پارٽيشن لڳائي چئن ماڻهن کي رکيو ويو، ضلعي انتظاميا گرلز هاسٽل ۾ قرنطينا سينٽر منتقل ڪيو آهي.

هاسٽل ۾ 48 ڪمرا آهن. چيف جسٽس چيو ته بنيادي سهولتن کانسواءِ حاجي ڪئمپ ۾ قرنطينا سينٽر ڪيئن ٺاهيو ويو، ٻڌايو وڃي ته ڪيترا پئسا خرچ ڪيا ويا. عدالت ۾ اين ڊي ايم اي جي نمائندگي ڪير ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اين ڊي ايم اي جي رپورٽ آئي آهي پر ان ۾ ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو، ڊي سي اسلام آباد چيو ته حاجي ڪئمپ قرنطينا مرڪز اين ڊي ايم اي بڻايو. چيف جسٽس اين ڊي ايم اي جي اختيارين جي عدالت ۾ غير موجودگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس پڇيو ته ضلعي انتظاميه جي طرفان ڪير آيو آهي.؟ جنهن تي عدالت کي ٻڌيو ويو ته ان جي طرف کان ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته اوهان اربين روپيه خرچ ڪري رهيا آهيو پر ڪنهن کي به خبر ناهي ته  ٿي ڇا رهيو آهي.؟ ڪنهن به شيءَ ۾ شفافيت نظر نه پئي اچي.  چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت هڪ درخواست تي دڪان ۽ فيڪٽري کولڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي. ملڪ جون حالتون خراب آهن، ماڻهن جو ڪاروبار ختم ۽ بيروزگار ٿي رهيا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان، صحت واري سيڪريٽري ۽ پگهار کڻندڙ انتظاميا جو ته ڪم هلي رهيو آهي پر ڪاروباري ماڻهو پريشان ٿي چڪا آهن. چيف جسٽس گلزار احمد ڪورونا خرچن بابت چيو ته ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ هي پرسنل پروٽيڪٽيو ايڪوپمينٽ(پي پي اي) تي اربين روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن روڪ ۾ خريد ڪيا وڃن ته 2 روپين جو ماسڪ ملندو آهي پر خبر ناهي ته هي شيون ڪيئن خريد ڪيون پيون وڃن. ان سين تي اربين روپيه ڪيئن خرچ ٿي رهيا آهن

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.